اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي ف??وغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ برطانيا ۽ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تا??يخ?? رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪ??مت??ن وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سي??پڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سي??پڪاري جي آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪستان ۾ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تا??يخ?? ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری