اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏي??هن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگ??دي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱ?? ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱ?? ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن ا??هن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.
صدر پاران عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ