اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ت?? شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ت?? چونڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي لاءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آ??ي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي ت?? آئين نه ٿو هلي س??هي?? هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آ??ر ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.
اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی