اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ي??ڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽيليفون ڪئي، ٻنهي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۽ يوڪرين جي صدرن روس – يوڪرين جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ دنيا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي ي??ڪرين روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرارداد جي مسودي تي پاڪستان جي حمايت طلب ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته روس يوڪرين جنگ تي پاڪستان کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب ??نگ جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستا?? حڪومت پاران تجويز ڪيل قرارداد جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ي??ڪرين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار