ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غ??بت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاند??نن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي وئي آهي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاند??نن ۾ ورهائي وئي آهي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاند??نن کي 25 هزار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاند??نن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاند??نن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آهي جڏهن ??ه خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاند??نن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاند??نن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، گلگت بلتستان جي 462 خاند??نن کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا ??نا ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي، وزيراعظم جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بي آءِ ايس پي ڪل 26 لک 46 هزار ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي: وفاقي وزير شازيه عطا مري
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ