آفتاب ظهور/عدنان کوکر
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني ۽ غاصباڻو قبضو مهذب قومن، عالمي امن ۽ انساني حقن جي دعويدارن جي چهري تي هڪ بدنام داغ آه?? جڏهن ته عالمي طاقتن ۽ بااثر ملڪن جي ٻٽي ڪردار ڀار?? جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ بيگناهه شه??ين تي ظلم ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو آه??. ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوجوانن جو عدالت کان مٿانهي قتل، شه??ين جي گرفتاري، تشدد، عورتن جي بي حرمتي، شيرخوار ٻارن کي پيلٽ گنز سان شهيد ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آه??. ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ بدران عالمي برادري جي خاموش ڀارت ??ي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ملتوي ڪري ڪشمي??ين کي محڪوم بڻائڻ جي پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ترغيب ڏني آه??.
ڀار?? جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) آرٽيڪل 370 کي ملتوي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ رهائش جي بنيادي حقن جي خصوصي حق کي غضب ڪري ورتو، ان قانون تحت ڀارتي شهري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائيداد خريد نه ڪري سگهندا هئا ۽ ڀار?? جي مرڪزي حڪومت وٽ خطي ۾ مالياتي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ جو ڪو اختيار نه هو. بي جي پي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي به ختم ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير جي مقننه کي اهو فيصلو ڪرڻ جو مڪمل صوابديدي اختيار ڏئي رکيو هو ته ڪير رياست جو مستقل رهائشي ٿي سگهي ٿو. آڪٽوبر 1947ع ۾ ڪشمير تي قبضي کانپوءِ ڀارت پاران اهڙين ڪاررواين جي ڊگهي ۽ خوفناڪ تاريخ آه??. مها راجا هري سنگهه نام نهاد الحاق تي صحيحون ڪيون، جنهن کانپوءِ ڀارت پرڏيهي، دفاع ۽ مواصلات ڀارتي حڪومت کي منتقل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. شيخ عبدالله وزيراعظم جي طور تي مقرري کانپوءِ ڀارتي حڪومت سان ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 1954ع ۾ آرٽيڪل 370 ۽ ان کانپوءِ آرٽيڪل 35 اي کي ڀارتي آئين ۾ شامل ڪيو ويو. ننڍي کنڊ جي ورڇ جي فارمولي تحت هندو اڪثريتي علائقا ڀارت جڏهن ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪستان سان شامل ٿيڻا هئا پر مها راجا هري سنگهه ڪشميري عوام جي مرضي جي خلاف ڀارت سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪندي مقامي آبادي کي پنهنجي فيصلي جي خلاف اٿي بيهن تي مجبور ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ان وق?? جي ڀارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڪشمير تڪرار گڏيل قومن ۾ کڻي ويو جتي ڪشمي??ين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ قراردادون منظور ڪيون ويون. اها جواهر لال نهرو جي بيان ڪيل پاليسي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪو تڪرار ٿيو ته ان معاملي جو فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن اهو چيو هو ته اسان اهڙي طرح جي ڪنهن به ريفرنڊم جي نتيجي کي قبول ڪنداسين. ڪشمير بابت نه ته نهرو ۽ نه ئي ٻين ڀارتي ليڊرن ان اصول جو احترام نه ڪيو ۽ انهن ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ کان سدائين پاسو ڪيو.
ڪشمير جي ماڻهن ڊگهي عرصي تائين راءِ شماري جو انتظار ڪيو پر ڀارت پاران مسلسل انڪار کانپوءِ انهن مقامي سطح تي جدوجهد شروع ڪئي پر ڀارت انهن جي جائز خودمختياري جي مطالبي تي ڌيان ڏيڻ بدران لکين فوجين کي علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو. ناليواري ڪشميري اڳواڻن ۽ هزا??ين عام شه??ين کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ وڏي انگ ۾ نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. پاڪستان سدائين ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آه??. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون به ٿيون پر جڏهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي ته ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي اشتعال انگيز گولاباري يا پاڪستان جي اندر ٻيون سازشون ڪيون ويون. لائين آف ڪنٽرول تي 2003ع ۾ جنگبندي جو معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه عرصي جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي عارضي طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي هئي. 2005ع ۾ سري نگر ۽ مظفرآباد جي وچ ۾ بس سروس شروع ٿي ۽ خطي ۾ زلزلي کانپوءِ ٻنهي طرفن واپار جي لاءِ رستن جي نشاندهي ڪندي ڪنٽرول لائين جي آرپار سامان جي چرپر جي اجازت ڏني وئي. ان اڳڀرائي جي باوجود ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائين تي اشتعال انگيز گولاباري ۽ ٻين منفي ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو. ڀارت ۾ 2014ع جي چونڊن ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي ڪاميابي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ بي جي پي هندوتوا ايجنڊا تي عمل شروع ڪيو جڏهن ته ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري اڳواڻن ۽ آزادي جي تحري?? جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، 2016ع ۾ نوجوان ڪشميري اڳواڻ برهان واني جي شهادت آزادي جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهه ڏني. تازن سالن دوران بي جي پي ۽ ڀارتي فوج ڪشمي??ين جي خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ۽ رياستي دهشتگردي جو سلسلو شروع ڪري رکيو آه??. تاريخ تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڀارت سدائين ڏکڻ اي??يا ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائڻ جي لاءِ مختلف حربن جو سهارو ورتو آه?? ۽ ان سلسلي جو تازو مثال 2019ع ۾ ڪنٽرول لائين جي پار پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڀارتي ويڙهاڪ جهازن جي دراندازي هئي. فيبروري 2019ع ۾ ڀار?? جي ان فضائي مهم جوئي دوران پاڪستان ڀارتي فضائيه جي ٻن ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرايو ۽ ان جي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي گرفتار ڪيو جنهن کانپوءِ پاڪستان خيرسگالي جذبي طور تي آزاد ڪيو ويو هو. ان واقعي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ بي جي پي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀار?? جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هن ڀيري ان سمورن سفارتي ۽ جمهوري اصولن کي مٿانهون رکندي انهن آئيني شقن کي ملتوي ڪري ڇڏيو جن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. ڪسمير جو تڪرار اڃا تائين گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آه?? پر عالمي ضمير مسلسل اگهور ننڊ ۾ پيل آه?? جنهن سان ڪشميري عوام کي ڀار?? جي رياستي دهشتگردي درپيش آه??. اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان.
ظلم جي هڪ ڪاري رات، جنهن جو انت به نيٺ ايندو!!
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil