اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي، باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان خودم??تي??ر رياست بڻجي اڀريو، ان تي پوري قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، محمد علي جناح ??ي شخصيت هڪ اعليٰ ۽ مثالي ڪردار رکندڙ هئي، هن جمهوري ۽ انصاف ??ي ٻڌل اصولن کي ا??تي??ر ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح ??ي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته قائداعظم وڪالت ۽ سياست ۾ رهي پنهنجي دامن کي صاف ??ٿرو رکيو، هو مسلمانن جي نئين سر ذهني تعمير ۾ روشني جو مينار بڻيل رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگي ??ي شروعات اعليٰ معيار ۽ ديانت سان ڪئي، پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جيڪا سدائين ٺوس ۽ مڪمل رهي. هن چيو ته باباءِ قوم جي لاڏاڻي جو ڏهاڙو اسان کي هڪ اهڙي عظ??م ترين قائد جي ياد ڏياري ٿو جنهن ننڍي کنڊ جي خوفزده ۽ مايوس مسلمانن کي هڪ نصب العين ڏنو هو، هن منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بي مثال قيادت فراهم ڪئي.
قائداعظم مسلمانن جي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل