اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽي??ا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ??لڪ?? سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ??لڪ?? سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست ??لڪ?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورو??ا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا م??قعا م??جود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.
صدر کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي سفيرن پاران سندون پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات