اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کان??وء?? اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ س??ن گڏ باقي شعبن کي مرحليوار کو??يو ويندو، ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کان??وء?? حڪومت پاران ڀارت سان سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانورن جي ب??آمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت، اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي ب??ضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان??وء?? صحافين کي ب??يفنگ ڏيندي ڪيو.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ فيصلو ڪيو ويندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا