برمنگهم _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد سيد علي گ??لاني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق برمنگهم ۾ ٿيل ڪانفرنس کي تحريڪ ڪشمير برطانيه جي صدر فهيم ڪياني خطاب ڪندي سيد علي گ??لاني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد اڳواڻ غير قانوني ڀارتي قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جو هڪ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گ??لاني جي زندگ?? عزم ۽ چاهه جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گ??لاني سڄي زندگي پنهنجي موقف تي جبل وانگر مضبوط بيٺل رهيو ۽ ڀارتي سختيون سندس عزم کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام ره??ون. تحريڪ ڪشمير يورپ جي صدر محمد غالب چيو ته سيد علي گ??لاني جي زندگي نوجوان نسل لاءِ هڪ رول ماڊل آهي . هن چيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جي نشاندهي سيد علي گ??لاني پهرين ئي ڪري چڪو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هن وقت سموري والاريل وادي کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڪشميرين جا سمورا حق ختم ڪري ڇڏيا آهن . مشهور صحافي محمد افضل بٽ ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته ڪشميرين جي آواز کي عالمي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي ذميواري آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي پنهنجن ڀائرن جو هڪ موثر آواز بڻجن. ڪشميري شاعر عارف خواجه، قمر عباس، فارق قادري، سمير ٻين شرڪت ڪندڙن شهيد علي گ??لاني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ۾ سيد علي گ??لاني جي خدمت ڪشمير جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکي ويندي.
سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی