اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) افعانستان ۾ طالبان حڪ??مت گڏيل قومن جي انساني حقن جي نمائندي رچرڊ برينٽ جي افغانستان ۾ داخلا تي پابندي جي تصديق ڪئ?? آهي ۽ انساني حقن جي نگران اداري تي پروپيگنڊا ڦهلائڻ جو الزام هنيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪونسل طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ رچرڊ بينيٽ کي 2022ع ۾ خصوصي نمائندو مقرر ڪيو هيو. ان کان اڳ رچرڊ بينيٽ چيو هيو ته طالبان حڪ??مت جو عورتن ۽ ڇوڪرين سان سلوڪ انسانيت خلاف آهي ۽ ڏوهه جي برابر ٿي سگهي ٿو. افغان پرڏيهي ترجمان عبدالقهار بلخي رائٽرز کي ٻڌايو ته رچرڊ بينيٽ کي افغانستان جي ويزا ناهي ملي سگهي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پهريان به چئي چڪو آهي ته طالبان اسلامي قانون ۽ مقامي رسم رواج تحت عورتن جي حقن جو احترام ڪن ٿا. هن چيو ته رچرڊ بينيٽ جي افغانستان سفر تي پابندي لاڳو ڪئ?? وئي آهي ڇو ته کيس افغانستان ۾ پروپيگنڊا ڦهلائڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي هو معمولي مسئلن کي به وڌائي پيش ڪندو هو.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت پاران گڏيل قومن جي انساني حقن جي نمائندي جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ