نيويارڪ-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو ا??اري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سم??رن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته هو حماس طرفان ??سرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سم??رن ميمبرن ان ??ان ??تفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان ??هرين تي ٿيل سم??رن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگبندي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??ڪاوٽ ج?? شڪار ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن. ان کان ??ڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ذڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان ??وڪيو وڃي ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت