اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ناڻي واري وزارت جي مختلف جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3220 مل??ن رپين فنڊز ??کڻ جي تجويز ڏني آهي. بجيٽ دستاويزن موجب ناڻي واري وزارت جي اڳ کان جاري 8 منصوبن جي لاءِ 1970 مل??ن رپيا، جنهن ۾ غيرملڪي معاونت جي 258 مل??ن رپيا شامل آهي ۽ ٻن نئين منصوبن جي لاءِ 1250 مل??ن رپيا ??کڻ جي تجويز آهي، اڳ کان جاري منصوبن ۾ فيڊرل آڊٽ ڪمپليڪس جي ايٽ ون اسلام آباد جي تعمير جي پي سي ون جي لاءِ 194.049 مل??ن رپيا، اسلام آباد جي ٽين ون ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن جي آفيس جي تعمير جي لاءِ 23.26 مل??ن رپيا، عالمي بئنڪ جي تعاون سان مالياتي شموليت انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ جي لاءِ 258 مل??ن رپيا، آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم هڻڻ جي منصوبي لاءِ 249.15 مل??ن رپيا، وفاقي حڪومت جي پي ايف ايم پاليسي فريم ورڪ جي لاءِ 50 مل??ن رپيا، پاڪستان منٽ جي اپ گريڊيشن منصوبي جي لاءِ 887.54 مل??ن رپيا، نيشنل سيونگز ڪمپليڪس پي سي ٽو جي لاءِ 8 مل??ن رپيا ۽ پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس اڪيڊمي اسلام آباد پي سي ون جي لاءِ 300 مل??ن رپين جا فنڊز ??کڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ٻن نئين منصوبن جي لاءِ 1250 مل??ن رپيا جا فنڊز ??کڻ جي تجويز آهي، لاهور ۾ آڊٽ هائوس جي تعمير جي لاءِ 250 مل??ن رپيا ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي آن لائين بلنگ جي نظام جي لاءِ 1000 مل??ن رپيا ??کڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت ناڻي واري وزارت جي مختلف جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3220 ملين رپين فنڊز رکڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی