اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدم??ما??ي بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خد??ا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قو??ي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدم??ما??ي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدم??ما??ي تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام و??رو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں