اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايرا??ي هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو. بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايرا??ي هم منصب سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ج?? وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش