اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضي??ءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ضي??ءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فن، ادب، پرفارمنگ آرٽ، فنڪاري، هدايتڪاري جي شعبي ۾ مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ضي??ءَ محي الدين جو لاڏاڻو منهنجي لاءِ هڪ ??اتي نقصان آهي. فن، اداڪاري، پيشڪش، هدايتڪاري جي شعبي ۾ ضي??ءَ محي الدين هڪ وڏي شخصيت هو، هو نثر ۽ شاعري جو بهترين قاري هو ۽ موسيقي جي انداز ۾ پڙهندو هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فن جي شعبي ۽ ان جي گهرڀاتين کي اهو ڏک صبر ??ان برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي جي دعا، فن جي شعبي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج