بيجنگ – 01 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چين جي ٻن ڏينهن ??ي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ايئرپورٽ تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جو اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وف??قي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وف??قي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وف??قي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي ۽ هوابازي وارو وف??قي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وف??قي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وف??قي وزير سردار اسرار ترين، خاص معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزير??عظ?? سان ??ڏ آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزير??عظ?? شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزير??عظ?? لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ءيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزير??عظ?? شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت ??ي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف دوري دوران ??ين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزير??عظ??ن جي وچ ۾ وف??ن ??ي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارتنرشپ جو جائزووٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. وزير??عظ?? جي دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي.
وزيراعظم چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada