اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وز??ر عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قد?? کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عبد??لل?? الفادل سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبد??لل?? الفادل يونيسيف طرفان ٻوڏ متاثرن کي ڏنل امداد جي باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. ڊاڪٽر عبد??لل?? وفاقي وز??ر کي ٻُڌايو ته يونيسيف لسٻيله، سبي، ملتان، ڊي جي خان ۾ نَوان فيلڊ آفيس سکر ۽ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته يو اين جي سمورن ادارن 816 آمريڪي ڊالرن جي فليش اپيل ڪئي آهي، جتي ٻوڏ متاثرن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جو ??ڪ وڏو حصو موجود آهي. هن وقت انهن علائقن ۾ 09 ملين آمريڪي ڊالر جي صحتمند شين جي فراهمي ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي وفاقي وز??ر چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ تعاون تي ان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ٻوڏ سبب ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قد?? کڻي رهي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائينز ورڪرز اسان جا هيرو آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل صحت ۽ ٻين سيڪيورٽي ورڪرز جي جوش ۽ جذبي ۽ قربانين کي خراب تحسين پيش ڪريان ٿو.
ٻوڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو: عبدالقادر پٽيل
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil