اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چي?? آهي ته ملڪ ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان ??ي معيشت، واپار ۽ انڊسٽري واري پارلياماني نائب وزير ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپاني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائش?? غوث پاشا، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان ??و سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??مسي توانائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي شعبن ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ??مسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهي?? آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان ??ي معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان ??مسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهي?? آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان ??يار ڪري ورت?? آهي پر سمورين ڌرين جي پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، شمسي توانائي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳايا ويندا ۽ سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وزيراعظم جاپاني ڪمپنين کي ان ??هم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آساني جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ قيمتي جانين جي زيان ??ي جاپان ??ي حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.
وزيراعظم پاران جاپاني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil