اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت ??لتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت ??لتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ??طي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت ??لتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت ??لتستان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت ??لتستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت ??لتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت ??لتستان کي مرڪزي م??ام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ??طي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت ??لتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گلگت ??لتستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2