اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي ته جيئن صنعتي ??عبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن کي روزگار جا موقعا به فراهم ڪري سگهجن. معياري تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ملڪ جي فني ۽ صنعتي ??رقي سڌو سنئون تعليم جي معيار سان ڳنڍيل آهي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وجهڻ لاءِ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ان انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شفاعت احمد صدر کي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد تعليم جي فروغ ۾ پنهنجي اداري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز انجنيئرنگ، مينيجمينٽ، بزنس ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعب?? ۾ ??يچلرز کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين مختلف پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته في الحال 900 کان وڌيڪ شاگرد انسٽيٽيوٽ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??عليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته هيستائين 3500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2017 کان يونيورسٽي مس??حق شآگردن کي 54.3 ملين روپين جا وظيفا ۽ مالي امداد ڏني آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي شاگرد?? ۾ ??جزياتي ۽ منطقي سوچ جون مهارتون وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سر سيد احمد خان جي تعليم مس??قبل ۾ نوجوانن جي رهنمائي ڏئي سگهي ٿي. هن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه تي ??اگرن جو تعداد وڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي ورچوئل صلاحيت کي به وڌائڻ تي ??ور ڏنو، هن پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۽ تعليمي شعبي کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين سان سهڪار جي ضرورت تي ??ه زور ڏنو. صدر ملڪ ۾ فني ۽ آءِ ٽي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ سر سيد سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊي جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ فني تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات