اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ??ر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ??نهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ اسپيشل تيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، گلگت بلتستان جي وڏي و??ير خالد خورشيد، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، خيبرپختونخواهه جي آءِ ٽي واري صوبائي و??ير عاطف خان، بلوچستان جي صنعت واري صوبائي و??ير حاجي محمد خان طور، پنجاب جي آءِ ٽي واري صوبائي و??ير همايون ياسر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، پنجاب جو وڏو وزير، بلوچستان جو وڏو و??ير ۽ ٻين صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي اجلاس کي ??لڪ ۾ مختلف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪارن کي ??يسر سهولتن ۽ مراعتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو مقصد ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، غيرملڪي سيڙپڪاري، افرادي قوت جو فروغ، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ روانگي واپار کي ??ڌائيندي د??آمدات جو متبادل پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪارن کي ??فاقي حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ??نهجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ??ر اها سهولت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ميسر اچي ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ ون ونڊو آپريشنز کي ??قيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچائي سگهجي. وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي ??دايت ڪئي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ايڪسپو جه??ي موقعي جو ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ ملڪ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ ملندڙ موقعن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.
حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی