اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم في??لو آيو آهي، ح??ومت ان في??لي مان مطئمن آهي. اهو بهتر في??لو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ نيوز ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي في??لي کانپوءِ حڪومتي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم في??لو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊيشل ڪائونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊيشل ڪائونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ