حڪومت عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن: وزيراعظم عمران خان


APP18-100322 LAHORE: March 10 – Provincial Minister for Finance Punjab, Makhdoom Hashim Jawan Bakht and Head of Special Monitoring Unit Punjab Fazeel Asif called on Prime Minister Imran Khan. APP

لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪموڊٽي سُپر سائيڪل جي باوجود حڪومت تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ گورننس جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف ڪرايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت ۽ اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ پنجاب جي سربراهه فضيل آصف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری

متعلقہ مضامین