اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ??ي اسپيڪر سردار اياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان مو??عي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر ??يو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشت?? تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر ??يو ته ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پارلياماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اسپيڪر ??يو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبرن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا مو??عا فراهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. مصر جي سفير اسپيڪر جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان مصر جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر