اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي)نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي ورسي گذريل ڏينهن ملهائي وئي. عبدالستار ايڌي 28 فيبروري 1928ع ۾ ڀارت جي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ جنم ورتو. ه?? 11 ??الن جي عمر ۾ پنهنجي والده جي سار سنڀال جو ڪم سنڀاليو جيڪا شگر ۾ مبتلا هئي، ننڍي عمر ۾ ئي هن پاڻ کان پهرين ٻين جي مدد ڪرڻ سکي ورتو هو جيڪو سندس لاءِ ڪاميابي جي ڪنجي ثابت ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سندس خاندان ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان منتقل ٿيو ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيو. عبدالستار ايڌي سماجي خدمت لاءِ ايڌي فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ ايڌي ايم??ول??نس کي سموري دنيا ۾ نجي شعبي جي سڀ کان وڏي ايم??ول??نس سروسز جو اعزاز مليو. 16 آگسٽ 2006ع تي بلقيس ايڌي ۽ ڪبريٰ ايڌي پاران ا??ڌي انٽرنيشنل ايم??ول??نس فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت دنيا جا امير يا غريب هجن يا دنيا جو ڪو به مل?? آمريڪا، برطانيه، اسرائيل، شام، ايران، ڀارت، بنگلاديش هجي ان ۾ اها ايم??ول??نس عطئي طور ڏني پئي وئي. انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ۽ امداد جي خدمتن جي اعتراف ۾ عبدالستار ايڌي کي ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو جن ۾ 1988ع ۾ ڏنل وال لينن ا??ن ا??عام شامل آهي. 1989ع ۾ کيس پاڪستان حڪومت طرفان نشان ا??تياز به ڏنو ويو. 8 جولاءِ 2016ع تي رات جو 11 وڳي بڪين (گڙدن) جي ڪم ڇڏي ڏيڻ سبب عبدالستار ايڌي 88 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. کيس ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن وفات کان پهرين ا??ا وصيت ڪئي هئي ته سندس ٻئي اکيون ضرورتمندن کي عطئي طور ڏنيون وڃن. سندس ورسي جي موقعي تي سرڪاري، نجي ۽ فلاحي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن ۾ عبدالستار ايڌي جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي ورسي ملهائي وئي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر