اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گيٽس ??ائ??نڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيئرمين گيٽس ??ائ??نڊيشن اين اي او سي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي ماهرن کي?? اداري جي آپريشنز بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نيشنل ڊيز??سٽ?? مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني جنهن ۾ قدرتي آفتن ۽ انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ واقعن سميت ڪنهن به آفت جي اڳڪٿي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳ ۽ بعد جا عمل شامل آهن. چيئرمين گيٽس ??ائ??نڊيشن اين اي او سي ۾ جديد ترين سهولتن کي ساراهيو ۽ آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ نئين ??ر تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اڳڪٿين جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان اهم شعبي کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان کانپوءِ وزيراعظم، چيئرمين گيٽس ??ائ??نڊيشن، اطلاعات، نشريات، قومي ور??ي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، انٽر پرينيورز، موسمياتي تبديلي جي ڪارڪنن ۽ ماهرن هڪ انٽريڪٽو اجلاس ۾ پڻ حصو ورتو. اجلاس ۾ صحت، غذائي تحفظ، صنفي توازن، بيمارين جي روڪٿام، موسمياتي تبديلي، ڊيز??سٽ?? مئنيجمينٽ، موسم سان ٺهڪندڙ زراعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي حوالي سان جديد قدمن ۽ خصوصي طور تي پاڪستان جي ماحول موجب تيار حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات گيٽس ??ائ??نڊيشن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل تعاون سان مسئلن جي حل جي لاءِ تعاون جي پختي عزم سان پڄاڻي تي پهتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گيٽس ??ائ??نڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس جا ٿورا مڃيا ته هو پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچندو.
وزيراعظم ۽ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پاران اين اي او سي جو دورو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia