اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگ??ان حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگ??ان حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪي?? آهن، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي دوست ملڪن سان اربين ڊالر جا معاهدا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ??ال??ائيندي ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته تڪميل پاڪستان جي لاءِ مسلم ليگ (ق) کان پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. هن چيو ته قومپرستن سان ??ال??ه ٻولهه جو حامي هئس، قومپرستن کانسواءِ ٻيا به بلوچن جا نمائند?? آهن. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان شاگردن سان ??ال??ه ٻولهه ۾ شامل آهيان، شاگردن جي ??ال??ه ٻڌڻ گهرجي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته سياسي شخصيتون ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي ئي حڪومت جو سربراهه هجڻ گهرجي. نگ??ان وزيراعظم بڻجڻ جي تجويز جي اڳ ۾ خبر نه هئي، نگ??ان حڪومت وٽ محدود اختيار ۽ وقت گهٽ هو پوءِ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جيڪي هدف مقرر ڪيا هئا انهن ۾ ڪاميابي ملي، ان حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ ج??ري ڪئي ويندي. هن چيو ته اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي وڏو مسئلو آهي ۽ رهندو، ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي?? آهيون، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ چارو نه آهي. هن چيو ته نجڪ??ري ڊگهو عمل آهي، پي آءِ اي جي اثاثن ۽ رهتن جي ادائيگين سميت ٻيا معامل?? آهن، نجڪ??ري جي معاملي تي ڪافي قدم کني?? آهن، ايس آءِ ايف سي جو فورم اڳوڻي حڪومت جوڙيو ۽ پارليامينٽ ۾ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي، اسان ان جو تسلسل ج??ري رکيو، هي بهترين فورم آهي، ان سان ملڪ کي فائدو ٿي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت ان تسلسل کي ج??ري رکندي، ايس آئي ايف سي جي ذريعي گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان اربين ڊالر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته چونڊن بابت سمورا افواهه دم ٽوڙي چڪ?? آهن، 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو، ڪجهه ڏينهن ۾ نئين حڪومت جو نقشو واضح ٿي ويندو، سياسي عدم استحڪام دم ٽوڙي ويندو. هن چيو ته 9 مئي تي رياست جي تصور تي حملو ڪيو ويو، قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، سوشل ميديا کي ريگيوليٽ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪم ج??ري آهي، پارليامينٽ ئي قانونسازي ڪندي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ انفرادي اثررسوخ وڌيڪ آهي، 9 مئي واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پوري سياسي پارٽي کي فسادي نه ٿا چئي سگهون، انهن اڻوڻندڙ ڪم ڪيو جنهن جا سنگين نتيج?? آهن، اسان ڪنهن سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ نه ڪري رهي?? آهيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عوام جنهن کي به چونڊيندي اهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ ان تي ضابطو آڻيندا، حڪومت ڪنهن مخصوص پارٽي کي سهولت فراهم نه ڪري رهي آهي، سمورين سياسي پارٽين سان برابر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو بنا پاسپورٽ جي ڪنهن کي سفر جي اجازت ڏي ٿو، آئون رياست پاڪستان جو حامي آهيان، اميگريشن قانونن تحت اچ وڃ ٿئي ٿي، غيرقانوني غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو صحيح هو ۽ ايندڙ حڪومت کي ان جو تسلسل برقرار رکڻ گهرجي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ايران جو پاڪستان تي حملو غلط قدم هو، پوري دنيا پاڪستان جي قدم کي ساراهيو، اسان پنهنجي سرحد تي چوڪس رهنداسين، ان حملي جي اميد نه هئي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جي موجوده چينلز کي استعمال ۾ آڻڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو ۽ حملي جي جواب جو فيصلو به اسان جو پنهنجو هو، ايران جو پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ٿيندو، پارليامينٽ جي ذريعي قانونسازي جي ذريعي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔