ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ??ه زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي، عوامي شڪايتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمگير هيلپ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ ??ڌي?? موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روشني هيلپ لائين جيڪا هڪ غيرسرڪاري تنظيم آهي ??ي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عوامي ۽ نجي شعبي ۾ ڪ??تريون ئي تنظيمون آهن جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??دا ??دا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن وٽ شڪايتون وصول ڪرڻ جي لاءِ مختلف هيلپ لائينز آهن جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي ??گهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪ??هن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمينه علوي تجويز ڏني ته عوامي شڪايتن ۽ هنگامي امداد جي لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ جي لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هيلپ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختلف ڊومينز ۾ ڪ?? ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هيٺ ڪم ڪن ته جيئن شهري هيلپ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي جي لاءِ سڀ کان ??ڌي?? لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. روشني هيلپ لائين جي باني محمد علي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول کي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ تنظيم جي ويزن، ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين 20 هزار کان ??ڌي?? خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 9 هزار کان ??ڌي?? گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آهي ??ڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. بيگم ثمينه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ روشني هيلپ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ روشني ٽ??م خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.
زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی