اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور ٽيڪنالاجي جو آهي، اسان جي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي گذارش آهي ته رياستي ميڊيا ۾ سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آندو وڃي. اها ڳالهه سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳاله??ئي??دي چئي. اجلاس ۾ 19 آڪٽوبر 2023ع تي ڪميٽي جي منعقد اجلاس ۾ 53 ڊيلي ويجز ملازمن جي ڀرتين جي حوالي سان ڏنل سفارشن، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پ??ڪس??ان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان هيست??ئي?? ڪيل ڀرتين، ڊي جي پ??ڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کان ريڊيو پ??ڪس??ان ۾ نئين سڌارن ۽ بهتري جي حوالي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه تي عملدرآمد کانسواءِ پ??ڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن جي ڪردار، ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت ڪا مستقل مقرري نه ٿي ڪري سگهي، نگران حڪومت اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته ڪو ادارو بند ٿي وڃي. هن چيو ته اسٽاف جي ک??ٽ ختم ڪرڻ يا ضروري پروگرام هلائڻ جي لاءِ وقت وقت ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پون ٿيون، ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار جو پراسيس ڊگهو هوندو، اهڙي طرح ادارا ڪم نه ڪري سگهندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي تجويز ڪري ٿي ته ڊيلي ويجز جي لاءِ اشتهار جي شرط لازمي آهي ته ڪميٽي جي راءِ ۽ فيصلي تي عمل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي جي لاءِ اشتهار ڏيڻ يا ڪنهن قسم جي ڀرتي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت واضح هدايت ڏي، اسان عمل ڪنداسين. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏهاڙي اجرت تي ملازمن جي ڀرتي جي حوالي سان وزارت جي جنهن اداري ۾ جاچ ڪرائڻ چاهي ٿي، ان بابت واضح هدايت جاري ڪري. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪميٽي جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو، مون کي ڪميٽي جي رهنمائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي ڪنهن واضح هدايت سان هتان اٿڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي وي سميت سمورن رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان چونڊ طرف وڃي رهيا آهيون، اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، منهنجي سڀني ک?? گذارش آهي ته توهان رياستي ميڊيا جي سڌارن جو پروگرام بحث هيٺ آڻيو. هن چيو ته هن وقت ريڊيو پ??ڪس??ان جي مجموعي بجيٽ جو 76 سيڪڙو حصو پگهارن ۽ پينشنز ۾ ادا ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي ملازمن جون ڪميوٽيشن، جي پي فنڊ جون ادائيگيون رڪيل آهن. هن چيو ته هن وقت پ??ڪس??ان جي سرڪاري ميڊيا ۾ سڀ کان پراڻو ادارو ريڊيو پ??ڪس??ان آهي جيڪو پ??ڪس??ان قائم ٿيڻ کان اڳ جو آهي. هن چيو ته ريڊيو پ??ڪس??ان ۾ پينشنرز جو انگ موجوده ملازمن کان وڌيڪ آهي، 4182 پينشنرز ۽ 1996 ملازم آهن، انهن ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت جي سمورن کاتن خاص طور تي پي ٽي وي ۽ ريڊيو پ??ڪس??ان ۾ 9 آگسٽ 2023ع کان وٺي هيست??ئي?? ڪئي ويندڙ نئين ڀرتين جو مع??ملو پڻ غور هيٺ آيو. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي ک?? بريفنگ ڏني. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته اطلاعات واري وزارت تحت براڊ ڪاسٽنگ ادارن ۾ اليڪشن سيل ٺاهيا ويا آهن، ان لاءِ ڪجهه ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي ک?? ٻڌايو ته جن ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهي براڊ ڪاسٽنگ جو وسيع تجربو رکن ٿا. هن چيو ته نگران دور ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ڪنهن پروگرام ۾ اينڪر جو ڪنهن خاص پارٽي طرف جهڪاءُ نه هجي. هن چيو ته پروگرام جي اسٽرڪچر ۾ پڻ انهن شين جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو. ريڊيو پ??ڪس??ان جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي ک?? ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هدايت تي ڊپٽي ڪنٽرولر جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي ۽ ان جي رپورٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي ک?? فراهم ڪئي وئي آهي. اسٽاف جي ضرورت هئي ضرورت جي بنياد تي 53 ماڻهن کي عارضي طور تي رکيو ويو هو. ڊي جي ريڊيو ٻڌايو ته رٽائرڊ ملازمن جي جڳهه تي نيون ڀرتي نه ڪيون ويون، اسٽاف جي تمام گهڻي ک??ٽ آهي، سوشل ميڊيا جي لاءِ ضرورت تحت ڀرتي ڪئي وئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ڪميٽي ک?? اداري جي حوالي سان بريفنگ ڏني جنهن تي ڪميٽي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. اي ڊي پ??ڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن ڪميٽي ک?? پي بي اي جي ڪارڪردگي ۽ فنڪشنز بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. پيمرا ۾ شڪايتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس بابت اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪابينا کان منظوري وٺڻ باقي آهي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر مولا بخش چانڊيو، سينيٽر عرفان صديقي، سينيٽر محمد طاهر بزنجو، سينيٽر نسيمه احسان کانسواءِ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??ملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين، ڊي جي ريڊيو، ايم ڊي پي ٽي وي، ايم ڊي اي پي پي، اي ڊي پي بي اي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
موجوده دور ٽيڪنالاجي جو آهي، اسان جي رياستي براڊ ڪاسٽرز ۾ صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری