دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي ا??مڪ??وم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عر?? امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سلطان بن عواد النعيمي، گڏيل عر?? امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظ?? جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت لاءِ دبئي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری