اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپ??يم ڪورٽ ??ي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ ??رصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي، ڀارت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرڏيهي آفيس ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ ??رصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت تي هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو ڪو حق حاصل نه آهي ۽ اهو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي آئين جي بالادستي کي تسليم نٿو ڪري. هن چيو ته ڀارتي آئين جي تابع ڪو به عمل ??ان??ني اهميت نه ٿو رکي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ملڪي ??ان??نسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي پنهنجي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير??ان??ني قدم جي عدالتي توثيق انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي جنهن جو بنياد مسخ ٿيل تاريخي ۽ ??ان??ني دليلن تي ٻڌل آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڀارتي سپ??يم ڪورٽ ??و فيصلو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته اهو فيصلو ڪشميري عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير??ان??ني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رياست جي بحالي، رياستي اسيمبلي جي چونڊن جو انعقاد يا اهڙي طرح جا قدم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿا ٿي سگهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اهو فيصلو ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير??ان??ني قدم جو مقصد ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي ??ان??ن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي 1957ع جي قرارداد نمبر 122 جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي ڇو ته ان جو حتمي مقصد ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته امن ۽ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان قدم کي ختم ڪرڻو پوندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان ڀارت جي غير??ان??ني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس