اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گ??ٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ ??? 28 جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسمياتي تبديلي، منصوبابندي وارن ??گران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلا?? جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گ??ٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سال موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحولياتي سفارتڪاري سان عالمي ماحولياتي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ ??? 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ