لنڊن – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. واضح رهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جي مرضي ۽ خواهشن جي خلاف سرينگر ۾ ??نه??جي فوج لاهي ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو هو. ڄمون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي هن تقريب ۾ ڪراس پارٽي برٽش پارليامينٽرينز، ڪشميري اڳواڻن، دانشورن ۽ ا??سا??ي حقن جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ??يا. هائي ڪمشنر ??نه??جي ريمارڪس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ڀارت 76 سال اڳ الحاق جي دوکيبازي جي بنياد تي سرينگر ۾ ??نه??جي فوج مقرر ڪري عالمي ق??نو??ن ۽ اخلاقيات جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن ڀارتي قابض فوج جي هٿان بيگناهه ڪشميرين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڌيان ڇڪرايو. هائي ڪمشنر ڀارت جي غيرق??نو??ي طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظالماڻي ق??نو??ن ۽ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. برط??نو?? پارليامينٽرينز ۽ مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي بحران بابت خدشن کي اجاگر ڪندي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هنن برطانيا جي حڪومت کان ڪشميرين جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو. هنن برطانيا جي پارليامينٽ ۾ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزين تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو ا??سا??ي حقن جي تنظيمن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهچ فراهم ڪري. ا??سا??ي حقن ۽ خودمختياري جي معاملي تي زور ڏيندي هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي عالمي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ هائي ڪميشن ۾ هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ظلمن جا ثبوت تصويرن جي صورت ۾ ڏيکاريا ??يا.
پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ