گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي ??اضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزي?? سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزيراعظم کي م??تل?? معاملن تي ??ريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل م??تل?? ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم شاگردياڻين کان موسمياتي ??بديلي ??ي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري، فاتحه خواني، گل چاڙهيا
مضمون کا ماخذ : loteria estadual