اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪ??ا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پاڪستان ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان جي نو??وانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ??ي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ?? آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ?? موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ