ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ چونڊن جي ذريعي سياسي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان کي دنيا سان هم آه??گ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز انويسٽر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته وسيع سياسي اونرشپ مثبت تبديلي جي لاءِ اهم آه?? ۽ اهو رڳو چونڊن ذريعي ئي ممڪن آه??. پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت تي ڳالهائيندي صدر چيو ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جو سڀ کان وڏو حامي رهيو آه??، آءِ ٽي جو شعبو قومي نه پر عالمي بنيادي ڍانچي تي ٻڌل آه?? ۽ ان جي لاءِ افرادي قوت جي ضرورت آه??، هي اها شيءَ آه?? جنهن سان پاڪستان موجوده مشڪل وقت ۾ به فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته ملڪ کي در??يش ڏکئي مسئلن جي آسان حل جي ضرورت آه??، ان سلسلي ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آه??. ان موقعي تي وفد صدر کي تازو ئي ڪيل ڪاروباري اعتماد سان لاڳاپيل سروي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي پريزنٽيشن ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، اي گورننس، ويب 3.0 ٽيڪنالاجيز جي انٽيگريشن ۽ امڪاني پاليسي آپشنز جي طور ت?? ڊيجيٽل ريگيوليشنز تي روشني وڌي وئي.
پاڪستان کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔