جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. وزيراعظم ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پ??ش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ج?? ا??ميت تي زور ڏيندو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطح?? ا??تتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پ??ش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، ي?? ايس ايڊ جي ڊپٽ?? ا??دمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا