اسلام آب??د ?? 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن هارنيئس کي مو??مياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي?? آهي، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهي?? آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستا??ين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو ا??ها?? ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria