اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چي?? آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪي?? آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو ??يغ??م ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪي?? آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت ا??م شعبن ۾ تعاون ڪي?? آهي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز