اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي چيئرمين عمران خان پارٽي آئين تي نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي. ??اڪستان تحريڪ ??نص??ف جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اهم ترين اجلاس وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ خميس ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ تحريڪ ??نص??ف جي آئين تي نظرثاني لاءِ جوڙيل خصوصي ڪميٽي جي پيش ڪيل سفارشن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي چيئرمين نظرثاني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي چيئرمين عمران خان مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۾ نون نامزد ڪيل ذميدارن کي هيٺين سطح تائين تنظيم سازي جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ ??نص??ف وفاق پاڪستان جي مقبول ۽ منظم ترين سياسي قوت آهي، سياسي ۽ انتظامي طور تي هيٺين سطح تائين عوام کي بااختيار بڻائڻ جي هدفن طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي تعمير ۽ ترقي جي عمل ۾ سماج جي غريب طبقي جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. صح?? ڪارڊ کان سستي راشن اسڪيمن تائين حڪومت فلاحي رياست جي طرز تي عوامي ڀلائي تي غير معمولي وسيلا خرچ ڪري رهي آهي، هن چيو ته تحريڪ ??نص??ف جا ڪارڪن حڪومت جي ڀلائي جي منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي عمل ۾ شرڪت ڪن. هن چيو ته تحريڪ ??نص??ف جي تنظيمي ذميدار هر سطح تي پاڻ کي منظم ۽ آئنده جي سياسي چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ جي تياري ڪن.
عمران خان پارٽي جي نئين آئيني اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : sorteios quina