اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??ان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ??اصم سليم باجوه، وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، سينيٽ جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ??ينيٽر فيصل جاويد، اط??اع??ت واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ عمرانه وزير ۽ ايف بي آر جا عملدار به موجود هئا. وفد جي قيادت ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين ??رجيس سيجا ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ شيخ امجد رشيد، سنتيش آنند، چوڌري ڪامران، فضا علي مرزا، عرفان ملڪ ۽ بدر اقبال به شامل هئا، ملاقات دوران ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار فلم پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وئي، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ سمورا ممڪن قدم ک??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ فلم شعبي جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ??رجيح آهي، حڪومت پاڪستاني فلمن جي ايڪسپورٽ جي ڀرپور حوصله افزائي لاءِ پرعزم آهي، ان ڏس ۾ سعودي عرب ۽ چين ??ان تعاون ۽ سهڪار فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ايڪسپورٽ جي حوالي سان فلم پروڊيوسرز پنهنجي ايسوسيئيشن ۾ ٻه فوڪل گروپ جوڙين، هڪ فوڪل گروپ نار ملڪن ۽ ٻيو چين ??ي ڌيان ڏئي، وفاقي وزير چيو ته فلمون تفريح جو مقبول ذريعو هجڻ کانسواءِ تعليم ۽ شعور بيدار ڪرڻ جو به موثر ڄاڻ جو فن مڃيون وينديون آهن، اسان کي فلمي صنعت جي تنزلي کي ترقي جي سفر ۾ بدلائڻو آهي، هن چيو ته م??بت سوچ ۽ رجحانن، روشن خيالن جي واڌ ويجهه ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ فعال فلمي صنعت وقت جي اهم ضرورت آهي، فلمون ملڪي ثقافت، تاريخ، قدر، ورثي ۽ اسڪرين ٽوئرازم اجاگر ڪرڻ جو به اهم ذريعو آهن.
چوڌري فواد حسين سان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر