اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ??يڊ لائين ڏئي ڇڏي آه??، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ?? بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آه??، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.
تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ