اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عم??اڻ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان تيونس سان تاريخي ۽ ڀائ??اڻ?? لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صدر چيو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن کي س??راهيندي گڏيل ??ومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل ??رارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صدر چيو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري ره??و آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري ره??و آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں