ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سي??ٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀ??ائي ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سي??ٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪومت پاران انهن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ ج?? قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ماڻهن ۽ يتيمن ۽ بي??اهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ج?? لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀ??ائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن ۽ بي??اهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا.
خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جو ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن