مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري قاسم مجيد پاران آجياڻو ڏنو ويو. آجيا??ي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمي?? جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپلزپارٽي آزاد ڪشمي?? جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام قادر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺور، پاڪستان پيپلزپارٽي جي قانونساز اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمي?? جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن والاريل واديءَ ۾ جي – 20 اجلاس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن