??سل??م آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت واري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلي??يڪ?? قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو هو?? مقبول احمد ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪ??يڪ?? اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙن موجب ڪلي??يڪ?? ۽ نان ڪلي??يڪ?? ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ??سل??م آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو?? 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلي??يڪ?? قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلي??يڪ?? ۽ نان ڪلي??يڪ?? عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.
صدر پاران وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام