اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خو??ڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??سلمانن تي خو??ڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن جيڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حسا?? وٺنداسين، ڏوهارين کي ع??رت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ