ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 24998 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آ??ن. هن پنهنجي ??يان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح نوشهروفيروز ۾ 2250، سانگهڙ 1498، دادو 500، حيدرآباد 3500، مٽياري 250، سجاول 1250، ٺٽو 1750، جيڪب آباد 500، لاڙڪاڻو 1000، سکر 6500، ميرپورخاص 1000 ۽ ٿرپارڪر ۾ 2000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1381336 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آ??ن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي ??پورٽ جي مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 1350 خيما، 15000 مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هينئر تائين متاثرن کي 493155 خيما، 523095 پلاسٽڪ ترپال، 3001077 مڇردانيون، 796433 ليٽر منرل واٽر، 68837 جيري ڪينس، 98903 تيار ٿيل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 763 حياتين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آ??ن. هن چيو ته 436181 ڍور مري چڪا آ??ن. هن چيو ته 7383023 ماڻهو بي گهر ٿيا آ??ن. ريليف ڪيمپن ۾ 352484 متاثر موجود آهن. جن کي ٻه وقت تيار ٿيل کاڌو ?? صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي ??مد هڪ لک ڪيوسڪ کان هيٺ اچي وئي آهي.جتي پاڻي جي ??مد 88300 ۽ اخراج 59100 ڪيوسڪس آھي ، گڊو بيراج تي 56300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 45600 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي ??مد 45400 ڪيوسڪ ۽اخراج 33600 ڪيوسڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 24998 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : números quina hoje