اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچ??ئڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت نه رڳو پنهنج??ن ذميواريون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي پنهنجي قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردي ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيس??ائ??ن والاريل ڪشمير ۾ 660 ڪشميرين کي شهي?? ڪيو آهي. والاريل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز، حراستي فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گڏيل سزائن ۽ پوري ڪشميري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن کي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غ??رڪ??ميرين کي ره??ئڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشميري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڀارت انهن ڪاررواين جي باوجود ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻ??ئڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.
ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس